شاهه لطيف جا شيدائي

شاهه لطيف جا شيدائي

شاهه لطيف جا شيدائي

شاهه لطيف جا شيدائي (ڪتاب): لطيفيات بابت هيءُ ڪتاب نامور اديب راهب علي لاڙڪ جو آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه لطيف تي تحقيق ڪندڙ مختلف شارحن بابت ڄاڻ ڏنل آهي. ڪتاب جو مهاڳ نامور ڪهاڻيڪار شوڪت حسين شوري ۽ ٻه اکر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙي لکيا آهن. جڏهن ته اداري پاران ساجد سنڌي ۽ بئڪ ٽائيٽل زاهد حسين ڪلهوڙي جو لکيل آهي. ڪتاب جي مهڙ ۾ شاهه لطيف ڀٽائيءَ جو مختصر احوال ڏنل آهي.
176 صفحن تي مشمتل، ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد، مارچ 2015ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو